تصوف جي تاريخ

تصوف جي تاريخ

تصوف جي تاريخ 2

تصوف جي تاريخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور عالم ۽ اديب پروفيسر يوسف سليم چشتيءَ جي مشهور تاليف ’تاريخ، تصوف‘ جو ترجمو آهي، جيڪو عبدالجبار عبد ڪيو آهي. ڪتاب ۾ پبلشر جي نوٽ، سنڌيڪار جي ٻن اکرن کانسواءِ يوسف سليم چشتيءَ جو مهاڳ به ڏنل آهي. ڪتاب کي چئن بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر باب ۾ ڪيترا ئي فصل آهن. مجموعي طور هن ڪتاب ۾ تصوف جي مڪمل تاريخ پيش ڪيل آهي، جهڙوڪ: اپنشدن جي تعليم، هندو تصوف، يوناني تصوف، اسلامي تصوف جو ذڪر ۽ صوفي اڪابرن جي زندگيءَ جو احوال وغيره شـامـل آهــن. هـن ڪـتاب جو پهريون ڇاپو 2005ع ۾ ’سـنـڌيـڪـا اڪيڊمي ڪراچي‘ طرفان ڇپيو. رنگين ۽ پڪي جلد سان 471 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 250 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو